سنڌي ڊراما

سنڌي ڊراما

سنڌي ڊراما

سنڌي ڊراما (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ڊرامه نويسيءَ جي تاريخ، ارتقا، نظرئي ۽ فن بابت پروفيسر مير محمد نظاماڻيءَ جو سرجيل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مير محمد نظاماڻي سنڌ يونيورسٽي (حيدرآباد) جو اسسٽنٽ ڪنٽرولر اگزئمينشن هو ۽ هي ڪتاب هن المينار پبليڪيشن لطيف آباد، حيدرآباد پاران شايع ڪيو.
ڪرائون سائيز جي 107 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ٻه روپيا هئي ۽ ان جي ڇپيندڙ پريس محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد هئي.
هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي، پهرئين باب ۾ ڊرامي ۽ ان جي اصليت تي بحث ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ مغربي ڊراما ڏنا ويا آهن، ٽئين باب ۾ ڊرامن جي ترتيب، چوٿين باب ۾ ٿيئٽر ۽ پنجين باب ۾ سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ ڏني وئي آهي.


لفظ سنڌي ڊراماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو